عبدالستار بلوچ

عبدالستار بلوچ

عبدالستار بلوچ

عبدالستار بلوچ: نامور اديب تعليمدان ۽ لغت ساز، پروفيسر عبدالستار بلوچ، پهرين نومبر 1947ع تي صاحبداد ڳوٺ، ملير ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ صاحبداد جي پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان 1964ع ۾ 1969ع ۾ گريجوئيشن، 1971ع ۾ سياسيات ۾ ايم. اي ۽ 1977ع ۾ جنرل هسٽريءَ ۾ ايم. اي ڪئي. ان کان سواءِ 1973ع ۾ بي. ايڊ ۽ 1975ع ۾ ايل. ايل. بي ڪيائين. عبدالستار پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. بعد ۾ ساڳئي ڪاليج ۾ پرنسپال رهيو. ان کان سواءِ هيءُ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مراد ميمڻ ڳوٺ ملير جو پرنسپال ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي رهيو. 2007ع ۾ رٽائر ڪيائين. عبدالستار بلوچ جو لغت تي تمام وڏو ڪم ٿيل آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘سنڌيڪا لغت’ (سنڌي)، ‘اردو- سنڌي لغت’ ۽ ‘ماڻڪ موتي سنڌ جا’ قابل ذڪر آهن.


لفظ عبدالستار بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.11.01  عيسوي

پروفيسر عبدالستار بلوچ، پهرين نومبر 1947ع تي صاحبداد ڳوٺ، ملير ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

موهن لعل شرما ڊاڪٽر
ديوان ننديرام
ظفر حسن
بادل جمالي
رزاق سروهي
رضوي ماڪن شاهه
غلام مصطفيٰ ڀنڀرو
عقيل عباس جعفري
حشمت پارواڻي
پرم ابيچنداڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون